عبدالستار عرف لالا قريشي

عبدالستار عرف لالا قريشي: والي بال راند جي مقبول رانديگر عبدالستار قريشي 5 جون 1944ع تي ڳوٺ مڻيا، ضلعي دادو ۾ تعليم کاتي جي آفيسر محمد هاشم قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1964ع ۾ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول دادوءَ مان ڪيائين. جنهن بعد فزيڪل ايجوڪيشن ۾ گريجوئيشن ڪري ڪاليج سطح تي ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن جي عهدي تائين پهتو. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران استاد محمد وريل سومري جي هٿ هيٺ راند کيڏڻ شروع ڪيائين. 1963ع ۾ قربان ڪلب پاران ڪوٺايل ٽيم طرفان ڪارنر تي کيڏيو ۽ بهترين مظاهرو ڪرڻ سبب ‘بيسٽ ڪارنر’ جو اعزاز مليس، جنهن کيس حوصلو بخشيو. 1964ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪجهه دوستن سان شاهين ڪلب ۾ شامل ٿيو. پاڻ رنگ روپ ۽ جسماني بناوت ۾ پٺاڻن سان مشابهت رکندڙ هو، جنهنڪري ‘پٺاڻ’ ۽ دوستن ۾ ‘لالا’ جي نالي سان مقبول ٿيو. والي بال جي دنيا ۾ اچڻ بعد هر ڪنهن وٽ سندس سڃاڻپ ‘لالا’ جي نالي سان ٿي. 1972ع تائين شاهين ڪلب ۾ رهيو، جنهن بعد شاهين ڪلب جي بند ٿيڻ تي ڪجهه عرصي تائين قربان ڪلب ۾ کيڏيو. ان کانپوءِ ‘مهراڻ’ نالي سان نئين ڪلب قائم ڪيائين. انهي ڪلب طرفان کيڏندو هو، جنهن جي پليٽ فارم تان 2001ع تائين ڪيترائي ٽورنامينٽ پڻ ڪرايائين. ڄي سنڌ جي ٽورنامينٽن ۾ به حصو وٺي اعزاز حاصل ڪيائين. پاڻ بهترين ۽ ايماندار ريفريءَ جي حيثيت سان به خاص سڃاڻپ رکي ٿو. والي بال جي حوالي سان دادوءَ ۾ ايسوسيئيشن کان فيڊريشن تائين سندن ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي. سندس نوجوان پٽ شاهجهان قريشيءَ جي سياسي مخالفن هٿان شهادت کانپوءِ هن راند کيڏڻ بند ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.06.05  عيسوي

والي بال راند جي مقبول رانديگر عبدالستار قريشي 5 جون 1944ع تي ڳوٺ مڻيا، ضلعي دادو ۾ تعليم کاتي جي آفيسر محمد هاشم قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانگياڻي پريتي
سيد صابن شاهه ڊاڪٽر
يارو فقيرريڍار
پير محمد هالائي
سنڌ سوديشي هوزرِي مل
حاجي محمد قائم جي مسجد
عبدالرزاق سومرو شهيد
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
حال الله ڪلهوڙو اول
آشا درگاپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون